ڊاڪٽر محمد صالح گوپانگ

ڊاڪٽر محمد صالح گوپانگ

صالح گوپانگ ڊاڪٽر

صالح گوپانگ، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر محمد صالح ولد حاجي خان گوپانگ، 12 نومبر 1932ع تي ڳوٺ حاجي خان گوپانگ لڳ ٺارو شاهه، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پرائمري استاد مقرر ٿيو ۽ پوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولز ٿيو، جتان ترقي ڪري وڃي ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم جي عهدي تي پهتو. نوڪريءَ دوران چيئرمئن ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄام شورو ۽ ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم کانسواءِ ڪيترن ضلعن ۾ ضلعي تعليمي آفيسر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. هن پهرين ايم. اي انگريزيءَ ۾ ۽ پوءِ ايم. اي سنڌي ادب ۾ ڪئي. استادن جي تربيتي ادارن بابت مقالو لکي پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ برطانيا جي ڪاليج آف موري ايڊمبرگ مان ائڊمنسٽريشن ۽ مئنيجمنٽ بابت ڪورس ڪيائين. 11 نومبر 1992ع تي نوڪريءَ تان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪيائين. ان کان سواءِ ابراهيم باواني ميموريل هاءِ اسڪول شيخ ڀرڪيي ۾ پرنسپال پڻ رهيو. هن محنتي انسان جي سڄي زندگي علمي، ادبي خدمتن ۾ گذري. ڊاڪٽر محمد صالح، 24 فبروري 2005 ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.11.12  عيسوي

ڊاڪٽر محمد صالح ولد حاجي خان گوپانگ، 12 نومبر 1932ع تي ڳوٺ حاجي خان گوپانگ لڳ ٺارو شاهه، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.


2005.02.24  عيسوي

ڊاڪٽر محمد صالح، 24 فبروري 2005 ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سوڀو ڀڳت
دارا-I
ملا جلال ٺٽوي
درس غازي سکرالدين
دينا واڊيا
رحمان ملڪ
سيده شهلا رضا
امير حيدر شاهه
عبدالحق عالماڻي
عبدالرحمان جسڪاڻي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون